اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪ?? مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪ?? مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين م??صوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ه?? ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ه?? ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.