اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي صدر ۽ هٿياربند ??وج جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف صدر جي ڪ??مياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيف آف آرمي اسٽاف صدر کي دهشتگردي جي خلاف جاري فوجي آپريشنز کان آگاهه ڪيو. هن ملاقات ۾ روايتي خطرن جي خلاف آپريشنل تيارين تي پڻ روشني وڌي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي علائقن سميت ترقياتي منصوبن ۾ ??وج جي ڪ??دار بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ صدر پاڪستان جي هٿياربند ??وج جي مثالي ڪ??دار کي ساراهيو. صدر چيو ته رياست جي خدومختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ ??وج جون خدمتون اهم حيثيت رکندڙ رهيون آهن. صدر متاثر علائقن جي سماجي ترقي جي لاءِ ??وج جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. صدر قومي ترقي طرف پاڪ ??وج جي اڻٿڪ عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي ذريعي دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو. صدر جو هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ا?? جي ڪ??هه ماڻهن پاران اداري ۽ ا?? جي قيادت جي خلاف محدود سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنيل بي بنياد ۽ بنا جواز الزامن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر رڪاوٽ وجهندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر قوم جي لاءِ جانين جا نذرانا ??يش ڪن??ڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪن??ي چيو ته شهيدن جو رت سدائين پاڪستاني قوم جي استقامت ۽ طاقت جي علامت رهندو. صدر شهيدن ۽ ا??هنجي خاندانن جي قربانين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن ۽ ا??هن جي خاندانن جي عزت ۽ تڪريم جي لاءِ قوم جي پختي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي جا قدر برقرار رکڻ جي لاءِ يڪجهتي ۽ عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.