اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 77 گروپ ۽ چين جي ويانا چيپٽر جي چيئر طور ڪامي??بي سان پنهنجو مدو 28 فيبروري تي مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پنهنجي صدارت دوران پاڪستان جو ڌيان اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڳڻتي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ تي هو جن ۾ جنگيون، جاگرافيائي سياسي تڪرار، موسمياتي آفتون، معاشي مشڪلاتون، غربت ۽ بک شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن کي ??رج??ح ڏيندڙ اتفاق راءِ سان حل ڳولڻ جي لاءِ تنظيمن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏنو. ان جو مقصد گروپ جي مي??بر?? جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ هو جڏهن ته ڏکڻ-ڏکڻ ۽ ٽه رُخي حصيداري کي فروغ ڏيڻ هو. ??رج??ان چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪستان جي مدي جي تڪميل تي گروپ سان پاڪستان جي مسلسل وابستگي ۽ انهن قدرن، نظرين ۽ اصولن جي نمائندگي ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.