اسلام آ??اد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اس??ام آ??اد ۽ پولنگ اس??يشن جو دورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اس??ام آ??اد ۽ آءِ جي اس??ام آ??اد گهرو وزير سان گڏ هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عم?? سٺي طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عم?? جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن ا??يد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عم?? پرامن طريقي سان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آب??رور مشن جي سربراهه جوناٿن سان گڏ سيف سٽي اس??ام آ??اد جو دورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اس??ام آ??اد شهر ۾ امن ا??ان ۽ پولنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي اس??ام آ??اد ٻڌايو ته اس??ام آ??اد ۾ چونڊن جو عم?? پرامن طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.