اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عام چونڊن کي پُرامن رٿڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ووٽرن کي چونڊن جي حوالي سان سازگار ماحول فراهم ڪرڻ انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري اهي، سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ووٽرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، چونڊ ريلين ۽ جلسن کي ??ه مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئ?? وڃي ۽ چونڊن جي ضابطه اخلاق تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. اليڪشن ڪميشن جو ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪئ??. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن سميت گهرو وزارت جي سيڪريٽري، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي صاحبن ۽ ٻين لا انفورسمينٽ اي??نسين جي نمائندن، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئ??. چيف ڪمشنر اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي عام چونڊن کي پرامن رٿڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته انتظاميه ۽ لا انفورسمينٽ اي??نسين جي ذميواري آهي ته هو ايندڙ چونڊن کي پُرامن، محفوظ ۽ ڪاميابي رٿڻ لاءِ وقت سر انتظامي ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائي ته جيئن سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ووٽرن کي چونڊن جي حوالي سان هڪ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، جنهن ۾ هو بنا خوف ۽ خطري پنهنجي راءِ جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪري سگهن. چيف سيڪريٽري، آءِ جيز ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد اجلاس کي ٻُڌايو ته چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ سڀ انتظام مڪمل آهن ۽ هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سموري تياري مڪمل آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿريٽ الرٽس آهن پر پُرامن چونڊن جي رٿڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. ٻوڏ متاثر ??ول??گ اسٽيشنن جي مرمت جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ـ چونڊن کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو ويندو. حساس ??ول??گ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئ??يرا لڳايا ويندا، سمورن لاڳاپيل ادارن کي فنڊز جي فراهمي وقت تي يقيني بڻائي پئي وڃي. گهرو وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻُڌايو ته چونڊن لاءِ وفاقي سطح تي ڪنٽرول روم بڻايا ويا آهن. گهرو وزارت سمورن ادارن سان رابطي ۾ آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي اليڪشن منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن قدمن ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت پُرامن ۽ شفاف چونڊن منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. سمورن آءِ جيز اها خاطري ڪرائي ته جتي به ??ول??س نفري جي انگ ۾ گهٽتائي هوندي اتي ٻين سيڪيورٽي اي??نسين جي گُهرايو ويندو. هنن ٻُڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن اميدوار يا ڪنهن شخص قانون ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئ?? ته ان خلاف به قانون مطابق سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.