اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر ابراه??م رئيسي غزه ۾ جاري قتل ??ام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ اٽڪل 45 منٽ تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه سميت والاريل فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ قبضي جي ??تيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادتن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي لاڳو ڪرائڻ ۽ ناقابل بيان اسرائيلي ظلمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هڪ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، ت?? ٻڌل فلسطين مسئلي جو منصفاڻو حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي ??اءِ اهم آهي. صدر ان مقصد جي ??اءِ سمورن سفارتي قدمن جي ??اءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ موجوده صورتحال بابت ايران جي خدشن ۽ قدمن کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت تي پڻ ايراني قيادت کي ساراهيو. صدر 15 ڊسمبر 2023ع تي سيستان – بلوچستان ۾ هڪ ايراني پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??اڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ گبد – پولن بجلي جي ??رانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح کي ٺوس اڳڀرائي قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر اسلامي ملڪ آهن جن جي ثقافت، مذهب ۽ تاريخ هڪ آهي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.