اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ک?? صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جي فراهمي يقين?? بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن ۽ صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظ?? چيف سيڪريٽري بلوچستان کي صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جي فراهمي يقين?? بڻائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم صوبائي انتظاميا کي بجلي جي فراهمي، آبپاشي ۽ آبادگارن جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظ?? چيو ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.