راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيء?? جا مع??ملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين مع??ملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ مع??ز مهمان آرم?? چيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرم?? چيف مهمان شخصيت جي آجيان ڪند?? چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جا ويجها ناتا آهن، پاڪستان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ مهمان شخصيت جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.