اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع ??ي موقعي تي جاپان حڪومت ۽ جاپان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان جا دفاعي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه هن 69 هين جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع ??ي موقعي تي جاپان جي سف??ر واڊا مٽسوهيرو پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ??ي موقعي تي چئي. آجياڻي ۾ عسڪري عملدارن، نگران وفاقي وزيرن، پا??لي??مينٽ ميمبرن، سفارتڪارن سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئ??. ا??لاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي مٽاسٽا ۾ اڳڀرائي ڏسي خوشي ٿي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سف??ر ۽ ٻين سان گڏ 69 هين جاپان ڊفينس فورسز ڊي 2023ع ??ي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.