بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دو??ي جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگ??ان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگ??ان وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگ??ان وزيراعظم پنهنجي چين جي دو??ي دو??ان 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪ??دو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگ??ان وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪ??دو. نگ??ان وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪ??دو. نگ??ان وزيراعظم جي چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگ??ان وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪ??دو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگ??ان وزيراعظم ارومچي جو دو??و ڪندو جتي نگ??ان وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪ??دو.