اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??ام??ٽيڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ ن??بل فيسٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ت?? ن??بل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائ??ن پهچ آسان بڻائڻ آهي. ن??بل فيسٽيول ۾ ن??بل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ت?? پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام خوش آ??نده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ??ام??ٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.