اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملتا?? جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملتان ۾ علاج جي عالمي سهولتن سان ليس تعمير هيٺ نشتر ٽو اسپتال جو دورو ڪندو ۽ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺندو. 500 بسترن تي ٻڌل ان اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻندا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تح?? چيڪ ورهائيندو. وزيراعظ۾ يوٿ لون اسڪيم تح?? هيستائين هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ باصلاحيت نوجوانن کي 101.6 ارب رپين جا آسان ۽ قرض وياج تي قرض ڏنا ويا آه?? جيڪي انهن کي پنهنجي زرعي ۽ ٻئي ڪاروبار سان بااختيار، خودمختيار ۽ ٻين نوجوان?? جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم ملتان ۾ باصلاحي?? ۽ ??ابل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تح?? ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.