اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ا??رح??ان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل ا??رح??ان ۽ وفاقي وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪس??ان حڪومت پاران شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل ا??رح??ان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪس??ان حڪومت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ ات??ادي حڪومت جي ملڪ کي ??عا??ي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ات??ادي پارٽين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي ??عا??ي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ ات??ادين جي تعاون سان ممڪن ٿيو آهي.