پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيورسٽي جي هوشيار ??اگ??د کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت ??اگ??دن ۽ ??اگ??د??اڻ??ن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيورسٽي جي هوشيار ??اگ??د رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراع??م جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ ??اگ??د ۽ ??اگ??د??اڻ??ون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراع??م جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن ج??لن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.