اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪست??ن لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊيو ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه ريڊيو پاڪست??ن لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي محسوس ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ??ه ان قدم جو مقصد سستي سنيما رسائي متعارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ??ه ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عا??مي معيار جي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ ف??مي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان جي موسيقي جي ڌنن جي ميپنگ ۽ عا??مي معيار جي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ڪري رهيو آهي.