لاهور – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فنڪار اسان جي سڃاڻپ ۽ قومي اثاثو آهن، ملڪي ثقافت جي فروغ ۽ قومي تشخص کي پروان چڙهائڻ ۾ فنڪارن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل فلم، اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽن سان ڳالهائيندي چئ??. فنڪارن ايندڙ ما??ي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ ۽ هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪوششن تي انهن کي زبرد??ت خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تخليقي سوچ جي حوصلا افزائي معاشري جي واڌويجهه جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ايندڙ ما??ي سال جي بجيٽ ۾ فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ روشن سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. فلمون ملڪ جي ثقافت، تاريخ، قدرن، ورثي ۽ سياحت کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير فنڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ اڳوڻي دور ۾ فنڪارن جا حق غضب ڪرڻ جي ازالي جي خاطري ڪرائي. فنڪارن اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.