مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي ادا ڪيو ويندو. سڄي دنيا مان حج جي فرض جي ادائگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي عرفات جي ميدان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله پاڪ جي مهمانن جي ميزباني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حج جو رڪن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ عرفات جي ميدانن ۾ حج جي رڪنن جي ادائگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آهن. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان فوج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي حج واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي ادائگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. 160 کان وڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي فرض جي ادائگي لاءِ عرفات جي ميدان پهچندا. عرفات جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي حضور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ عرفات جي ميدان کي ڇڏڻ جو حڪم آهي. حاجي سڳورا عرفات جي ميدان مان مزدلفه لاءِ روانا ٿ??ند??، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ ادا ڪندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائ??ند??. رات مزدلفه ۾ کليل آسمان هيٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي ادائگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي ??يم?? ۾ واپس ا??ند?? جتان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس روانا ٿ??ند??. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس ??نيٰ ۾ پنهنجي ??يم?? ۾ ا??ند?? جتي قرباني بعد وار ڪترائي احرام کول??ند??. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس و??ند?? ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي پاڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ا??ند??. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لا??مي رڪن آهي. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت مڪي پاڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لا??مي رڪن آهي.