اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪو??ت انهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا ف??اهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي تعليم ۽ تدريس، يونيورسٽي آف ??نڊ?? جي پرووائيس چا??سل?? پروفيسر ميري ستياسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پروفيسر ميري ستياسني يونيورسٽي آف ??نڊ?? جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم يونيورسٽي آف ??نڊ?? جي انهن قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا ف??اهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت يونيورسٽين ۾ باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪري انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. پروفيسر ميري ستياسني جي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.