ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خ??تمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عورتن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ عورتن کي انهن جي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي تشدد جي خ??تمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي تشدد جي خ??تمي واري مرڪز جي دوري دوران ڪيو. عملدارن کيس مرڪز ۾ ڏيندڙ س??ولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خ??تون اول چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ مثالي اسلامي معاشري ۾ جيڪي عورتن کي حق حاصل هوندا آهن اهي ڪنهن ٻئي معاشري ۾ حاصل نه آهن، پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آهن پر انهن تي مڪمل طور تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. ملتان ۾ قائم عورتن تي تشدد جي خ??تمي واري مرڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مرڪز ون ونڊو آپريشن جون خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هتي تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عورتن تي تشدد جي خ??تمي واري مرڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ثمينه عارف علوي چيو ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي آگاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي تشدد جي خ??تمي وارو مرڪز ون ونڊو آپريشن جي حيثيت رکي ٿو، جتي عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. تشدد جي خ??تمي واري مرڪز جو مقصد تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. متاثر عورتون ٽول فري نمبر 1043 تي رابطو ڪري عورتن تي تشدد جي خ??تمي واري مرڪز کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. متاثر عورتن جي گهر وڃي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر عورت کي سينٽر تي آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته انهن کي اتي آندو ويندو آهي جتي عورت پوليس اهلڪار انهن جون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آهن. عورتن کي مدد ۽ مشو??ا فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن تشدد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آهي.