اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغ?? صحت جي حوالي سان وزيراعظم آفيس، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ۽ ايوان صدر جي قدمن کي هڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ موثر مصنوعي ذهانت (اي آئي) تي ٻڌل هيلپ لائين تيار ڪري سڄي ملڪ جي وڌ کان وڌ آبادي کي ذهني مسئلن بابت مشاورت فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار دماغ?? صحت بابت فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صحت واري عالمي اداري، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽراسٽ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي عهديدارن ۽ ميمبرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته دماغ?? صحت جون سهولتون صحتمند معاشري ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهن. برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي ماهرن کي معياري ۽ پيشيواراڻا مشورا فراهم ڪرڻ جي لاءِ نظام ۾ شا??ل ڪرڻ گهرجي. برطانيا ۾ پاڪستاني ڄاوا 2 هزار جي لڳ ڀڳ نفسياتي ماهر موجود آهن، جن کي سسٽم ۾ شا??ل ڪري سگهجي ٿو. دماغ?? صحت جون خدمتون فراهم ڪندڙ نظام ک?? صحت جي ادارن ۾ دستياب موجوده وسيلن سان ٺوس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خودڪشي کي هاڻي پاڪستان ۾ ڏوهه کان جدا ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ذهن?? صحت جو مسئلو سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ذهن?? صحت جي خدمتن کي آبادي تائين پهچائڻ تي ڌيان ۽ اهميت ڏني پئي وڃي. لاڳاپيل ڌريون مالي ضرورتن جو تعين، فني ضرورتن، ماهرن جي خدمتن ۽ گهربل ضروري فزيڪل انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي ڪري سگهن ??يو??. صدر چيو ته ذهن?? صحت فراهم ڪندڙ نظام کي جانچڻ، مڪمل طور ي فعال بڻائڻ کانپوءِ هڪ جامع ميڊيا مهم جي ضرورت پوندي، نظام ۾ ڪالز کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع طريقيڪار هجڻ گهرجي.