اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪسلا ميوزيم کي ٻُڌ جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ?? حوالي ڪيو ويو. تقريب ?? ٿائيلينڊ جي سفارتخاني جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عمل??ار?? ۽ ٽيڪسلا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪ??اچائي وونگ، ايڊيش??ل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکيو ويندو. ٽيڪسلا جو قديم شهر ٻڌ مت جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.