اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت ??ي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو ??ي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي ??فد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وز??راعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وز??راعظم چيني ڪمپني کي حڪومت ??ي سولرائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ??فد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وز??راعظم آجيان ڪئي. چيني ??فد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وز??راعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.