اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توا??ائ?? جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توا??ائ?? بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توا??ائ?? جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توا??ائ?? جي شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پ??ليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توا??ائ?? جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گردشي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توا??ائ?? جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توا??ائ?? بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.