اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 11 ججن جي مقر??ي ۽ مستقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز جي بطور ججز مقر??ي ۽ مستقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر جسٽس شڪيل احمد، صفدر سليم شاهد ۽ احمد نديم ارشد، جسٽس محمد طارق نديم، محمد امجد رفق ۽ عابد حسين چٺا، جسٽس ا??وار حسين ۽ علي ضياءَ جي پڻ لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس سلطان تنوير احمد، محمد رضا قريشي ۽ راحيل ڪامران جي مستقلي ۽ مقرري جي منظوري ڏني. صدر مقر??ي ۽ مستقلي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏ??ي آهي. اهي منظوريون جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ ڏنيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت انهن ججز جي مقر??ي ۽ مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.