گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بل??ست??ن جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سا?? جاري خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف ورزيون ڪندي پنهنجو جبري قبضو قائم ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارتي قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا. هن چيو ته گلگت بل??ست??ن جي عوام پنهنجي مظلوم ڪشم??ري ڀينرن ڀائرن سا?? گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشم??ري عوام ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.