اسلام آباد- 13 سيپٽمبر (اي پي پي) تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ تباهي جي نتيجي ۾ 1000 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. پاڪ فضائيه ??ا اهلڪار ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن، خيبر??خت??نخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فضائيه ??رفان بحالي جي عمل ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. پاڪ فضائيه ??ي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ??ي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 23655 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 1531 پاڻي جون بوتلون ۽ 3909 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پي??ٽ ورهايا، مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه ??ي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 236 مريضن جو طبي معائنو پڻ ڪيو.