اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري کانسواءِ ٻوڏ کان شديد متاثر ??لا??قن جو دورو ڪندو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کانسواءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪندو جڏهن ته هو وزيرا??ظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. انتونيو گوٽريس ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ??رڏ??هي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جي ??لا??قن (سکر، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۽ اوستا محمد،) جو پڻ دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل ??لا??قن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪر?? کانپوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.