اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ??لڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعاون ??هي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تب??يل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسيان جي ميمبر ??لڪن کي آسيان جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون ??هي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون ??ي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسيان جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪستان جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.