سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو آهي ته ڪشمير جي آ????دي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري آ????دي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي حڪومت جو قدم غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ پاڪ هند ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير تڪرار ج?? جلد ۽ پرامن حل لازمي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارت تڪراري قانون ۾ ترميم واپس وٺي ۽ والاريل ڪشمير ج?? 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪري. هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي قدمن سان نه رڳ?? سڄي دنيا جي ڪشميرين ۾ اضطراب جي لهر ڊوڙي وئي پر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? هر علائقي ۾ ان جي خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. ڀارتي حڪومت صدارتي آ??ڊيننس ذريعي والاريل ڪشمير ج?? خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آ??ين ۾ م??جو?? 370 ۽ 35 اي تحت سڄي ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارتي عوام جي لاءِ کوليو ويو ۽ اتي اچي زمين جا ملڪيتي حق وٺي سگهن ٿا ۽ اتان جو ڊوميسيائيل به وٺي سگهن ٿا. ڀارتي حڪومت جو اهو هڪ وڏو سازشي عمل هو، جنهن جي ذريعي هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي آ????دي جي تناسب کي بدلائڻ چاهيو پئي.