اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪن??اس??ن، اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃ??. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو شيڊيول جوڙيو ويو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قومي ترانو پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نو??وا??ن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نو??وا??ن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽ??بل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽ??بل بڪ ۾ پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽ??بل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽ??بل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ سان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽ??بل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪن??اس??ن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف سيريز پيش ڪيون پيون وڃ??، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽ?? وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نو??وا??ن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃ?? جن ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين جو ذڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان روزانو جون سرگرميون پي ٽ?? وي تي ٽ??ليڪاسٽ ڪيون پيون وڃ??، 75 سالا تقريبن ۾ پاڪستان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃ??. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تقريبن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪافي ٽ??بل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.