اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? مرڪزي اڳواڻ ۽ بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چي?? آهي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چي?? ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو ??ثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چي?? ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي ج??گ وڙهي رهيو آهي. هن چي?? ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي ج?? سڏ کي رد ڪري پنهنجو ??يصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چي?? ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.