اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ ??مد??دي سا??ان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب ??مد??دي سا??ان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سا??ان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ??مد??دي سا??ان يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سا?? گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏ??ي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سا?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به ??مد??دي سا??ان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لاءِ ??مد??د موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لاءِ ??مد??دي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.