اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جو ڊرامو رچائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي مناف?? هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کي ڀارت جي هڪ ٻي مايوس ڪندڙ ڪوشش قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد دنيا کي غلط طور تي اهو باور ڪرائڻ آ??ي ته والاريل علائقي ۾ حالتون معمول تي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ش??باز شريف چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، جن ڀارتي وزيراعظم جي دوري کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو.