اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران ??ان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران ??ان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عمران ??ان تائين پهچڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ عوام مان گذري اچڻو پوندو، پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي س??و جوتا پوندا. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير جلسي ۾ موجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي لکين ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي چيو ته عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جو اقتدار ڪنهن سازش سان نه عوام مان ٿي گذرندو. هن چيو ته مون چيو هو ته 10 لک ماڻهن جو ميڙ هوندو ۽ سازشين کي ان مان گذري وڃڻو پوندو، اڄ ٻڌائي رهيو آهيان ته انهن ماڻهن کي 20 ڪروڙ عوام مان گذري عمران ??ان تائين پهچڻو پوندو. هن چيو ته عمران ??ان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران ??ان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عمران ??ان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايواني س??زشن سان ڪا دلچسپي نه آهي، اسان عوام مان آهيون ۽ عوام ۾ ئي رهنداسين، اسان کي اقتدار به عوام ڏنو آهي ۽ اسان اقتدار عوام جي س?? تي رکنداسين، عمران ??ان کي تخت ۽ تاج جي ڪا لالچ نه آهي، اقتدار ۾ اچڻ وڃڻ سان ان کي ڪو فرق نه ٿو پوي، فرق پوندو ته اهو مون کي ۽ عوام کي پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي س??و جوتا پوندا. هن چيو ته عمران ??ان غربت جو درد رکندڙ ليڊر آهي، عمران ??ان اقتدار نه قدرن جي سياست ڪ??ي ٿو، عوام وزيراعظم عمران ??ان جي اشاري جي منتظر آهي.