اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي ??رو?? ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته حڪومت تعليمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق ش??گر??ن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ??ي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چيو ته خصوصي ش??گر??ن کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جي اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور ش??گر??ن کي ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تعليم جي ورچوئل جزو کي وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آه??. ا?? وقعي تي پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ??ي چيئرمين صدر کي پيشيوراڻي تعليم جي ??رو?? ۾ فائونڊيسن جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پي ايف ايف انهن هوشيار ش??گر??ن کي وظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن جي آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چيو ته پي ايف ايف جي مالي تعاون سان 1700 ش??گر??ن گريجوئيشن ڪئي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته فائونڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 ش??گر??ن جا تعليمي خرچا ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا هئا، صدر پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ??ي ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق ش??گر??ن جي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.