اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرم??، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ??يو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کان 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ??يو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کان ??يه?? سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ??يو آهي ۽ سڄي رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان سڄي رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ??يو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ ??رفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.