اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ترجيحي بنيادن تي پاڪستان ۾ چيني واپار جي سپورٽ ڪنداسين ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ??اءِ چين جي گهري دلچسپي جا ٿورائتا آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي چيني واپارين جي ??ڪ وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو جنهن جي ??يادت چيني ڪمپني چيلينج فيشن پرائيويٽ لميٽيڊ جي ??مائندي مادام چن يان ڪري رهي هئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين نه ??ڳو ماضي يا حال ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن پر اهي اسان جي ??ستقبل جي ??سلن جي ذريعي به متحد رهندا. هن چيو ته اسان ٻنهي مل??ن جي عوام جي گهرن لاڳاپن کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ صنعتون لڳائيندڙ سمورن چيني سيڙپڪارن کي سهولتن جي ??راهمي جي ??اءِ هنگامي بنياد تي رستن جي رابطن ۽ يوٽيلٽيز جهڙن ايشوز کي حل ڪيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني واپاري گلاس، سرامڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي ??اءِ تيار آهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ناليواري موبائيل فون ڪمپني اوپو دنيا جي ??اليوارين ٽيڪ مينوفيڪچررز مان هڪ آهي، پاڪستان ۾ به هڪ مقامي موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ ۽ هڪ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر ق??ئم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان نه ??ڳو سمارٽ موبائيل فونز جي سالياني درآمد تي پرڏيهي جي ذخيرن جي ??ڌيڪ بچت ٿيندي پر اسان جي ??يڪ گريجوئيٽس جي ??اءِ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سياسي معاملن وارو خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ بابت خاص معاون ايم خالد منصور، چين جو سفير نونگ رونگ ۽ مس چن يان سميت ٻيا لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.