اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع م??جد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرم??ن ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرم??ن ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جو گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه جي عملي سبقن مان رهنم??ئي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڇي. هن چ??و ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ راهه مشعل آهي، مسلمانن جي لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ٻڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهترين سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنم??ئي لاءِ ايوان صدر جي جامع م??جد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.