اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بلوچستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ??ک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو آهي. پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي سڄي قوم ڏکويل آهي، حڪومت زلزلي متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي زلزلي متاثرين ??ي هر ممڪن مدد ۽ زخمين جي ??هترين علاج ??ي هدايت ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير زلزلي ۾فوت ٿيندڙن جي پوئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي ??لد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.