اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي، چونڊن ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڳالهه تي ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ته چونڊون صا?? ۽ ??فاف ٿيڻ گهرجن جن تي سڀني کي اعتماد ۾ هجي، صا?? ۽ ??فاف چونڊن لاءِ قدمن جي ح??ال?? سان بامقصد نتيجي تي پهچڻ وڌيڪ اهم آهي، پارليامان?? جمهوريت ۾ سدائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت 16 آڪٽوبر 2020ع تي ريفارمز پيڪيج جو بل پيش ڪيو پر پارلياماني ڪميٽي ۾ ڪنهن مخالف ڌر پارٽي ڪا دلچسپي نه ورتي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ڳالهه اچي ٿي ته ان تي به مخالف ڌر پارٽيون مشين کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رد ڪري ڇڏينديون آهن، ان کانپوءِ سينيٽ ۾ معاملو وڃ?? ٿو ته بحث ۽ مباحثي جي نظر ڪيو ويو ۽ بل منظور ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي ان معاملي جي حل لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي پئي وڃ??، هاڻي اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کنيو ويندو ته جيئن ڳالهين جي ذريعي سڀني ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ٿي سگهي، هن چيو ته حڪومت هر ڀيري مخالف ڌر کي دع??ت ڏني ته هو چونڊ سڌارن جي ح??ال?? سان پنهنجون تجويزون ڏي، وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ۾ بيهي چيو ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجون تجويزون پيش ڪري اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، مخالف ڌر پارٽين کي گهرجي ته هو چونڊ نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ شفافيت آڻڻ جي ح??ال?? سان پنهنجون تجويزون ڏي، هن چيو ته بار بار ڌانڌلي جو شور ڪرڻ سان صرف وقت ضايع ٿيندو، گذريل چونڊن دوران تقريبن 15 لک ووٽ رد ٿيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان هڪ ووٽ به رد نه ٿيندو، ان کانسواءِ ووٽ وجهڻ جو پيپر ٽريل به موجود هوندو جنهن کي بعد ۾ چيڪ ڪري سگهجي ٿو، اليڪشن ايڪٽ 2017ع به اي وي ايم جي استعمالو جي اجازت ڏي ٿو، دنيا جي 20 ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو استعمال ڪيو پيو وڃ??.