گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانستان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشم??د آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳ??له?? صحيح آهي ته افغانستان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چا??يون ٿا ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانستان انساني حقن خاص ڪ??ي عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان ??مو??ا چا??يون ٿا ته افغانستان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن وقت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.