لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي ??ي طرز تي پي??ڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پي??ڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پي??ڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فلٽريشن پلانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني“ واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پي??ڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن پلانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هزار پي??ڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان پي??ڻ جي صاف پاڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. پي??ڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.