اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبب?? ۾ ??امل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ??ال??ائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پاڪستان جي عوام جي و?? ۾ ??اريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنب?? ۾ ??امل آهن. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان ام?? جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظ?? عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختلف حص?? ۾ ??سلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن ج?? ۾ ??من، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظ?? عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن ام?? کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.