اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت ??لتستان کي عبوري صوبو ٺا??ڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجل??س ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت ??لتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت ??لتستان اسيمبلي جي متفقه ??رارداد گلگت ??لتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجل??س ۾ گلگت ??لتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تف??يلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت ??لتستان کي عبوري صوبو ٺا??ڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.