اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپري??ن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪورونا ٽ??سٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، ل??هور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽ??سٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 278، اسلام آباد ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمير ۾ 684 ٽ??سٽ شامل آهن. هيس??ائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.