اسلام آباد – 15 فيب??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب عوا?? کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان حل تجويز ڪيا وڃن، ڪڻڪ تي ايندڙ انتظامي خرچن جي هر رخ جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو نظام جوڙيو وڃي ته خرچن جي مد ۾ غير ض??ور?? طور تي ايندڙ هر روپئي جي بچت ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بنيادي ض??ور?? شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ض??ور?? شين جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وزيراعظ?? کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ پهچ، اسٽوريج ۽ ٻين انتظامي خرچن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مفصل پلان جوڙڻ تي ڪم جاري آهي، ان حوالي سان تفصيلي پلان جلد وزيراعظ?? کي پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود وزيراعظ?? کي درآمد ٿيل گي??ي، دالين ۽ ٻين جنسن تي ڊيوٽيز جي شرح ۽ موجوده حالتن ۾ حڪومت پاران ڏنل ڇوٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. درآمد ٿيل گي??ي وغيره تي ٽيڪسن جي حوالي سان خطي جي ٻين ملڪن جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان اوگرا پاران پيش ڪيل سفارشن تي به غور ڪيو ويو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس اولين ترجيح غريب عوا?? کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم معاشي ٽي?? کي هدايت ڪئي ته عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي جي حوالي سان آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن جتي غريب ماڻهو تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ ڪيو وڃي، اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ توازن برقرار رکيو وڃي ۽ ملڪ کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ وڃڻ کان بچائي سگهجي.