عاشق حسين ساند
سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي شهر ٽنڊوآدم جي هنجورڻ ڍنڍ جي ڪناري قائم قديمي پاڙي جمن شاهه جتي جو هڪ ئي خا??دان 7 پيڙهين لڳ ڀڳ 200 سالن کان پڪل ران (سجي) جو ڪاروبار ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو آه??، ٽنڊوآدم جي سجي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي بهترين ذائقي سبب وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي،
ان جو ڪاروبار ٽنڊوآدم جو هڪ ئي خاصخيلي خا??دان ڪري رهيو آه??. 75 سال جي ڄمار رکندڙ سجي جو ڪاروبار ڪندڙ ماما غلام رسول خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي ٻڌايو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي کان وٺي اهو ڌنڌو ڪري رهيا آه??.
غلام رسول ٻڌايو ته 7 پيڙهين ۽ لڳ ڀڳ 200 سالن کان سندس خا??دان ان ڪاروبار سان واڳيل آه??، هن ٻڌايو ته هو پاڻ جڏهن ٻاروتڻ جي عمر ۾ هو ته ان وقت اها پڪل ران چار آنا وڪرو ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جو اگهه وڌندي وڌندي وڃي 1800 رپين کان 2000 رپين تائين پهتو آه?? ۽ ان جو وزن سوا ڪلو کان ڏيڍ ڪلو تائين هجي ٿو جڏهن ته هن جي وڏن ان ڪم جي شروعات پنهنجي مرشد غوث بهاءُالحق جي گادي نشين جي چوڻ تي ڪئي. هن ٻڌايو ته هو جيڪا ران تيار ڪن ٿا اها نه رڳو سنڌ پر هندستان، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سميت نار جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ڏا??هن پڻ وڏي شوق سان گهرائي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته سندس جواني واري عمر ۾ سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل سميت ڪيترائي عرب شهزادا پڻ اها ران گهرائيندا رهيا آه??، جڏهن ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ هنن جي تيار ڪيل ران وڏي انگ ۾ گهرائي وئي هئي. جڏهن ته صدر ايوب خا?? به هڪ ڀيرو اها ران کائن بعد ڪيترائي ڀيرا اها ران کاڌي ۽ کين اعزازي سرٽيفڪيٽ سان پڻ نوازيو هو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خا?? جي فرزند ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم ڄام معشوق علي خا?? جي شادي جي موقعي تي پڻ هزارن جي انگ ۾ اهي ??ان??ن گهرايون ويون هيون. ران جي تياري جي حوالي سان ٻڌائيندي غلام رسول خاصخيلي ٻڌايو ته سڀ کان اڳ ڇيلي (ٻڪر) جي چونڊ ڪئي ويندي آه?? ۽ 7 کان 8 ڪلو ۽ 5 کان 6 مهينن جي عمر واري ٻڪر کي ذبح ڪري ان مان ران تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي ڇيلي مان 2 ??ان??ن (پويون ٽنگُون)، 2 دستيون (اڳيون ٽنگُون) ۽ هڪ ڪمر پچائي وڃي ٿي. ران جي تياري لاءِ سڀ کان پهرئين سڪل ڪاٺين جي باهه ٻاري وڃي ٿي ۽ ڪچي ران کي بهتر نموني ڌوئي ان کي لوڻ هڻي ۽ 3 کان 4 ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو ويندو آه?? ته جيئن اها لوڻ جذب ڪري وٺي. ج??هن بعد ا?? کي تيل جو ڇنڊو هڻي چهنبدار ڪاٺي ۾ هڻي ٻريل باهه جي ويجهو پچڻ لاءِ رکيو ويندو آه?? ۽ شروعاتي پچڻ لاءِ ان کي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين ان ئي باهه جي تپش تي رکيو ويندو آه?? ج??هن بعد ا?? کي گيهه هڻي ٽانڊن جي تپش تي آخري مرحلي تحت پچايو ويندو آه?? ۽ ان دوران ران کي ڇري سان چهڪ ڏئي ان تي ٻه ڀيرا گيهه جو ليپ ۽ مصالحو هنيو ويندو آه?? پر جي ان سموري مرحلي ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو ويو ته ان جي سواد ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ جي اها ران سچي گيهه ۾ تيار ڪئي وڃي ته ان جو ذائقو اڃا به وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو هو پاڻ تيار ڪندا آه?? ۽ ان ۾ ڏاڙهون، دال چيني، ڪارا مرچ، ڦوٽا، اڇو جيرو، ڪارو جيرو ۽ ٻيو سامان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ران پچڻ بعد ا?? کي ڪٽي ان تي ليمون هڻي کائيندڙ جي اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها ڏهي جي رائتي سان وڌيڪ مزو ڏيندي آه??
جڏهن ته جي وري ٻاهر اماڻيندا آه??ون ته ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۽ ڪلي ۾ پيڪ ڪيو ويندو آه?? ته جيئان اها ڪافي ڪلاڪن تائين گرم رهي ۽ خاص طور تي 5 ڪلاڪن تائين اها پنهنجو مزو برقرار رکندي آه??. جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهون قرباني جي جانورن جو ??ان??ن کڻي ايندا آه?? جيڪي اسان ا??هن کي مناسب اجوري تي پچائي ڏيندا آه??ون. هن ٻڌايو ته دنيا ۾ تمام گهڻو مشهوري ملڻ بعد ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين هوٽلن اسان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون پر اسان هميشه اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هن ٻڌايو ته ڏينهون ڏي??هن مهانگائي سبب هاڻي ان ڪاروبار ۾ به مزو ناهي رهيو ڪمايون ٿا ۽ کائون ٿا هاڻي ان مان بچت سوچڻ وقت وڃائڻ برابر آه??.