اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصو??ن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لا??ت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصو??ن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي منظوري جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ??وا??ي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويز??ن به پيش ڪيون.