اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽرو?? ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽرو?? ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽرو?? ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون موٽرو?? ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن ب?? وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽرو?? ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽرو?? ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگ??هي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگ??هي بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پي?? ڪئي ويندي.