اسلام آباد – 07 سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آسٽريليا ??ي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي روڪڻ جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي امداد ??ي فراهمي جي باري ۾ به ٻڌايو. ان م??قعي تي اينڊريوفورسٽ حڪومت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاء?? اختيار ڪيل پاليسي کي ساراهيو.